رضوي سيد خادم علي شاهه

رضوي سيد خادم علي شاهه

رضوي سيد خادم علي شاهه

رضوي، سيد خادم علي شاهه: سياسي سماجي اڳواڻ سيد خادم علي شاهه رضوي، پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻن مان آهي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي دؤر کان هن وقت تائين ڪيترا ڀيرا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر رهي چڪو آهي. سيد خادم علي شاهه 30 مئي 1942ع تي ميرپورخاص ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو سيد ٻڍل شاهه رضوي هو. ابتدائي تعليم ميرپورخاص مان حاصل ڪيائين ۽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کان وٺي محترمه شهيد بينظير ڀٽي تائين ڪيترن سياستدانن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو اٿس. ان کانسواءِ ادبي، سماجي ۽ ثقافتي تنظيمن سان پڻ وابسته رهيو آهي. ان کانسواءِ سندس هڪ ڪتاب ’بختاور شهيد‘، سنڌ ۾ هاري تحريڪ ۾ اهم ڪردار رکندڙ عورت جي باري ۾ ڇپيل آهي. هن ڪتاب جا سنڌي، اردو، انگريزي ۽ بنگاليءَ ۾ به ترجما شايع ٿي چڪا آهن.
سيد خادم حسين شاهه ڪيترن سرڪاري ۽ نجي مڃيل ادارن جو عهديدار ۽ رڪن رهي چڪو آهي، جهڙوڪ: ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽرس پي. آءِ. اي، ميمبر مرڪزي بورڊ آف فاريسٽري، ميمبر ايگريڪلچر انڪم ٽئڪس ڪميشن، ميمبر ايڊوائيزرس ڪائونسل- منسٽري آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري، سابق ميمبر ڪاٽن ايڪسپورٽ ڪارپوريشن، ميمبر سينٽرل عشر ۽ زڪوات ڪائونسل، ميمبر ڊفينس ڪلب مينيجنگ ڪميٽي، ميمبر اسلام آباد ڪلب، ميمبر ڊسٽرڪٽ ڊيولپمينٽ ائسوسيئيشن ميرپورخاص، ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽرس پبلڪ اسڪول ميرپورخاص، ميمبر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
سيد خادم علي شاهه سماجي، ادبي، علمي، ترقياتي ڪمن ۽ راندين ۾ سرگرم رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.05.30  عيسوي

سيد خادم علي شاهه 30 مئي 1942ع تي ميرپورخاص ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀنگر غلام نبي
صالح ملا
پلي حاجي
شاهنواز ٻرڙو
اسحاق عليه السلام
جنيد بغدادي
در محمد خان
سوامي گرمکداس مهراج
انورهڪڙو
دراني آغا الهڏنو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون